تفسير هاشمي

تفسير هاشمي

تفسير هاشمي

تفسير هاشمي (پاره عم ):سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جو هيءُ پهريون تفسير آهي. هيءُ قرآن پاڪ جي ٽيهين پاري عم جو ترجمو ۽ تفسير آهي ۽ سنڌ جي نامياري عالم ۽ مفسر مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ (المتوفي 1174هه بمطابق 1760ع) جو تصنيف ۽ تاليف ڪيل آهي. مخدوم صاحب هيءُ تفسير 17 شعبان 1162هه بمطابق 1749ع تي لکي پورو ڪيو. هن تفسير جا قلمي نسخا اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ذاتي ۽ خانگي ڪتبخانن ۾ موجود نظر اچن ٿا. 1320هه بمطابق 1902ع ۾ پهريون ڀيرو هيءُ تفسير بمبئيءَ جي ڪريمي پريس مان ڇپجي شايع ٿيو هو ۽ ڊيمي سائيز جي 503 صفحن تي مشتمل هو. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ محمد يوسف نصر پوريءَ انهيءَ ساڳئي تفسير کي موجوده صورتخطيءَ ۾ قرآن پريس حيدرآباد ۽ فردوس پريس حيدرآباد مان الڳ الڳ حصن ۾ شايع ڪرايو. اهو پويون ڇاپو پڻ پهرئين ڇاپي وانگر هن وقت ناياب آهي. 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، تفسير هاشميءَ جي ڪريمي پريس واري ڇپيل نسخي کي ٻيهر آفسيٽ تي شايع ڪرايو، جنهن جو مهاڳ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لکيو آهي. وري 1991ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي علمي اداري مهراڻ اڪيڊميءَ هن ساڳئي تفسير کي قديم مروج نظمي سٽاءَ مان موجوده نثر ۾ لکرائي شايع ڪرايو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو